ڪڻڪ جي خريداري جو هدف هر صورت ۾ پورو ڪنداسين: سيڪريٽري

ڪڻڪ جي خريداري جو هدف هر صورت ۾ پورو ڪنداسين: سيڪريٽري

نوشهرو فيروز (ن س) خوراڪ کاتي جي سيڪريٽري راجا خرم شهزاد چيو آهي ته صوبي ۾ ڪڻڪ جي خريداري جو هدف هر صورت ۾ پورو ڪيو ويندو. ذخيره اندوزن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪڻڪ جي نقل و حمل تي پابندي برقرار رهندي. ٻين صوبن ڏانهن ڪڻڪ اسمگل ڪرڻ وارن جي ڪڻڪ ضبط ڪئي ويندي ۽ ادائيگي نه ڪئي ويندي. هن عوام کي ٻڌايو ته ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو پهريون حق حڪومت جو آهي. گهرن ۽ گودامن تي چڙهائي ڪري ڪڻڪ برآمد ڪرڻ نٿا چاهيون. تنهن ڪري، توهان کي پهرين ڪڻڪ جي خريداري جو سرڪاري ٽارگيٽ پورو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ضلعي کان ٻاهر ڪڻڪ موڪلڻ تي پابندي برقرار رهندي. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر شاھزيب شيخ چيو ته ضلعي کان ٻاهر ڪڻڪ جي نقل و حمل کي روڪڻ لاءِ پوليس مقرر ڪئي ويندي. ۽ ضلعي جي حدن اندر خوراڪ کاتي جي چيڪ پوسٽن تي پوليس مقرر ڪئي ويندي. اجلاس ۾ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سيد عمار حسين شاه ، ڊي ايس پي هيڊڪوارٽرز ۽ ڊي آءِ بي جي انچارج، خوراڪ کاتي ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو