ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي گهرو معاملن واري وزير ضياءَ لنجار چيو آهي ته ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف سخت آپريشن ڪري سنڌ ۾ امن قائم ڪري ڏيکارينداسين، پوليس آفيسرز جي شهادت تي ڏک ٿيو، ڪراچي ۾ وڏا ڏوهه نه پيا ٿين، رڳو اسٽريٽ ڪرائيمز جو مسئلو آهي، انهن تي به ضابطو آڻينداسين سنڌ جي گهرو معاملن واري وزير ضياءَ لنجار سعيد غني سان گڏ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته سنڌ ۾ هاءِ ويز تي ڌاڙيلن جو قبضو آهي، سمورن هاءِ ويز ۽ رستن تي مسافر سڪون سان سفر ڪري رهيا آهن هيڪڙ ٻيڪڙ واقعا پيش اچن ٿا هڪ سوال جي جواب ۾ ضياءَ لنجار چيو ته مرتضيٰ جتوئي ۽ سندس پٽ خلاف قتل ڪيس داخل ٿيل آهي، مرتضيٰ جتوئي کي انتقامي سياست جون ڳالهيون ڪرڻ بدران عدالتن مان ضمانت ڪرائڻ گهرجي، ڪا به سياسي انتقامي ڪارروائي نه پئي ٿئي پريس ڪانفرنس دوران سعيد غني چيو ته تحريڪ انصاف آصفه ڀٽو زرداري جي بنا مقابلي ڪاميابي کي تڪراري بڻائڻ چاهي ٿي، نوابشاهه مان آزاد اميدوار غلام مصطفيٰ رند پاڻمرادو گم ٿيڻ بعد پيپلزپارٽي تي اغوا جا الزام هڻي رهيو آهي سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته اميدوار جي آصفه جي آڏو ڪا به حيثيت نه آهي، نوابشاهه مان ڪو به آزاد اميدوار اغوا نه ٿيو آهي، گورنر ڪامران ٽسوري تڪراري بيان ڏيڻ بدران پنهنجو ڪم ڪري










