مانجهند(مهراڻ عمراڻي)ريشم بازار ۾ سيٺ حاجي حسين ميمڻ جي لاڪ ڊائون سبب بند پيل ڪپڙي جي دڪان کي اچانڪ باهه لڳي وئي جنهن جو اطلاع شھرين دڪان مالڪ کي ڏنو جنهن دڪان جا تالا کولي شهرين سان گڏجي پنهنجي مدد پاڻ تحت باهه وسائڻ جي ڪوشش ڪئي پر لکين روپين جو ڪپڙو بوٽ چپلن سميت 8 لک کان وڌيڪ ماليت جو سامان سڙي رک ٿي ويو جنهن تي دڪاندار بي هوش ٿي ويو جنهن کي پاڻي هڻي هوش ۾ آندو ويو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي دڪاندار حاجي حسين ميمڻ ٻڌايو ته بند دڪان ۾ بجلي به لڳل ناهي جنهن سبب باهه لڳڻ جو سبب سمجهه کان ٻاهر آھي جنهن جي پوليس جاچ ڪري. هن وڌيڪ چيو ته لاڪ ڊائون سبب بي روزگار ٿي ويو هوس پر هاڻي لکين روپين جو قرض کڻي ڪاروبار ۾ لڳائڻ کان پوءِ نقصان ٿيڻ سبب ڪاروبار به نه ڪري سگهندس. هن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سندس سهائتا ڪئي وڃي.اطلاع تي مانجهند پوليس به پهچي تفصيل ورتا.***پکو مان عبدالوحيد ميئو موجب ڳوٺ درگاھي ۾ نامعلوم شرپسندن ھاري شوڪت مغيري جي ڇھن ايڪڙن جي پلال جي کري کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو.

رات جي پھر ۾ ڏنل باھ تي ڳوٺاڻن پھچي کري چوڌاري 40 ايڪڙن تي مشمل ڪڻڪ جي تيار فصل کي سڙڻ کان بچائي ورتو جڏھن ته اھڙي واقعي بعد پکو ٿاڻي متاثر ھاري جي فرياد تي نامعلوم شرپسندن خلاف ڪيس داخل ڪيو .










