ڏهرڪي (ن س) ڏھرڪي ۾ ريڊس پاڪستان طرفان ڪپهه جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان تقريب جو انعقاد ڪيو ويو، ڪپهه جي اهميت بابت پيادل واڪ پڻ ڪئي وئي آهي، ريڊس پاڪستان طرفان ورلڊ ڪاٽن ڊي جي نسبت سان پرل ميرج هال اندر تقريب ڪوٺائي وئي تقريب ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر شاهنواز شيخ، ڪو آرڊينٽر ريڊس پاڪستان عمران ابراهيم، ڦوڪيل پرسن علي نواز مهر، يونٽ مينيجر علي بخش مهر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر صفدر حسين، ڊسٽرڪٽ فاريسٽ آفيسر ڪاشف لغاري، ايريگيشن ڊپارٽمينٽ جي امير بخش پنهيار، محمد حسنين کوکر، ميڊم ذڪيا، ميڊم نشا ۽ ٻين شرڪت ڪئي، جڏهن ته تقريب ۾ علائقي جي آبادگارن ۽ عورتن پڻ وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب ۾ آبادگارن کي ڪپهه جي اهميت کان آگاهه ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته ته اسان جي ملڪ اندر زراعت ريڙهه جي هڏي آهي، اسان جي ملڪي معيشت جو دارومدار فصلن تي آهي موسمي فصلن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ اهڙي قسم جا پروگرام ڪيا وڃن، ڊپٽي ڊائريڪٽر ايگريڪلچر شاهنواز شيخ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته هن سال بارشون معمول کان وڌيڪ ٿيون آهن جنهن ڪري ڪپهه جي پيداوار 95 فيصد تباهه ٿي چڪي آهي،هن چيو ته جيڪڏھن ايندڙ ڪڻڪ جي فصل لاءِ اڳواٽ اپا نه ورتا ويا ته ملڪي معيشت تباهه ٿي ويندي، هن سنڌ حڪومت کي اپيل ڪئي آهي ته سنڌ اندر جتي جتي برساتي بيٺل آهي فورا برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ته جيئن ايندڙ ڪڻڪ جي فصل سٺي اپت ڏئي سگهي -اڳواڻن چيو ته ريڊس پاڪستان زراعت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي هنن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي آبادگارن کي فصلن بابت ڄاڻ ڏيون ته جيئن اهي بهتر ڪم ڪري ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن –










