ڪينٽين تي قبضو، پيراميڊيڪل پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ

ڪينٽين تي قبضو، پيراميڊيڪل پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ

پڊعيدن (مجاهد شر) سول اسپتال نوشهروفيروز جي ڪينٽين تي بااثرن پاران قبضو ڪرڻ خلاف پڊعيدن ۾ رورل هيلٿ سينٽر جي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن پاران او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن ايم ايس ڊاڪٽر مبين راجپوت، مير اعجاز راڄپر، ڊاڪٽر اسلم قادري ۽ ٻين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي صحافين کي ٻڌايو ته نوشهروفيروز جو بااثر پ پ اڳواڻ نواب خان مري عدالتي حڪم ۽ سول انتظاميا جي حڪمن کي ٿڏي داداگيري ڪري سيل ٿيل ڪينٽين جا تالا ٽوڙي ٻيهر ڪينٽين کولي ڇڏي آهي. هنن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته بااثر خلاف ضلع انتظاميا به ڪو قدم کڻڻ لاءِ تيار نه آهي ۽ پوليس به هن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. هنن چيو ته سرعام داداگيري ڪندڙ ۽ ڊاڪٽرن کي ڌمڪيون ڏيندڙ بااثرن خلاف فوري طور ڪارروائي ڪري کيس گرفتار ڪري ڪينٽين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو