لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز ڪينسر ۽ ٻين بيمارين جون دوائون مفت فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.لاهور جي علائقي شاهددرا ۾ ڳالهائيندي پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز پهرين جولاءِ کان پنجاب جي سمورن ضلعن ۾ ڪينسر ۽ ٻين بيمارين جي مفت دوائن جو اعلان ڪيو.هن چيو ته نئون پاڪستان ٺاهڻ جي دعويٰ ڪندڙن پراڻي پاڪستان کي به تباهه ڪري ڇڏيو، آئيني بحران کين عوام جي خدمت ڪرڻ کان نه روڪي سگهيو ۽ نه ئي مستقبل ۾ روڪيندو.










