سليڪٽرکي سوچڻو پوندو، هي ملڪ وڌيڪ تجربن جي قابل ناهي،بلاول

سليڪٽرکي سوچڻو پوندو، هي ملڪ وڌيڪ تجربن جي قابل ناهي،بلاول

مظفرآباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حڪومت هڪ قانون پاس نه ڪرائي سگهي ته پوءِ آرمي جو متفقه طور واڌ ڪيئن ڪرائيندي. بلاول ڀٽو زرداري مظفر آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته آرمي چيف جي واڌ وارو معاملو پارليامينٽ ۾ ايندو ڏسڻو اهو آهي ته جنهن کان هڪ نوٽيفڪيشن نه بڻجي سگهيو ۽ سال ۾ هڪ قانون پاس ناهن ڪرائي سگهيا اهي 6 مهينن اندر ايتري اهم قانون سازي ۾ ڪهڙي طرح پارليامينٽ ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪندا ۽ آئين ۾ ترميم ڪندا. چيئرمين پيپلزپارٽي چيو ته ادارن جو ڪم ڪاروبار ڪرڻ نه آهي ڪيستائين وڏن ادارن کي ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر رکيو ويندو سڀني کي گڏجي ڪري ملڪ جي ترقي ۾ حصو وجهڻو پوندو ۽ ڪا به مقدس ڳئون ناهي.

هي حڪومت اميرن کي ريليف ۽ عوام تي مهانگائي جو بار وجهي رهي آهي هي ڪهڙو نئون پاڪستان آهي جنهن ۾ آبادگارن کان سبسڊي کسي پئي وڃي ۽ ارب پتي ماڻهن لاءِ ايمنسٽي اسڪيم آندي پئي وڃي. بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته جڏهن کان نيازي خان جي حڪومت آئي آهي تڏهن کان ڪو اهڙو ادارو ناهي جيڪو زوال تي نه پهتو هجي. هن حڪومت کان جان ڇڏائڻي پوندي، سليڪٽر کي سوچڻو پوندو ته ملڪ وڌيڪ تجربن جي قابل ناهي رهيو سليڪٽيڊ کي گهر موڪلڻو ئي پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو