پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور هاءِ ڪورٽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي وقت تي چونڊون ڪرائڻ واري معاملي تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي درخواست تي اليڪشن ڪميشن ۽ گورنر کان لکت ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪي پي ڪي اسيمبليءَ جي چونڊ وقت تي ڪرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي، اسد قيصر، شبلي فراز ۽ شاهه فرمان عدالت ۾ پيش ٿيا. صوبائي ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته چيف سيڪريٽري اڄ جواب جمع ڪرايو آهي.عدالت چيو ته گورنر جواب جمع نه ڪرايو آهي، گورنر ٻڌائي ته هن اڃا تائين تاريخ ڇو نه ڏني آهي. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته آئين موجب گورنر وٽ اڃا وقت آهي ته تاريخ ڏئي. عدالت چيو ته ان تي پوءِ ڳالهه ڪئي ويندي، پهريان لکت ۾ جواب ڏيو ته گورنر خط جي جواب ۾ تاريخ ناهي ڏني، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن کي تاريخ نه ملي ته ايڪشن پلان ڇا هوندو. سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو به حڪم ڏنو آهي.ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو عدالت ۾ پيش ڪيو، وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن، گورنر ۽ صدر جا خط رڪارڊ تي آهن، گورنر عذرا ڪري تاريخ نه ٿو ڏيڻ چاهي.عدالت اليڪشن ڪميشن ۽ گورنر کان لکت ۾ جواب طلب ڪندي ٻڌڻي خميس تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










