ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي ڪي اليڪٽرڪ پاران بجلي جي بريڪ ڊائون ٿيڻ سبب 72 انچ قطر جي لائين نمبر 5 متاثر ٿي ويئي، ترجمان واٽر بورڊ موجب ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي اڄ صبح يارهن لڳي پنج منٽن تي بجلي جو بريڪ ڊائون ٿيو جڏهن تہ يارهن لڳي پنجاھ منٽن تي ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي بجلي بحال ٿي، متاثر لائين جي اطلاع ملڻ تي واٽر بورڊ عملدارن ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي فوري طور پهچي ڪري متاثر لائين جو معائنو ڪيو، ان موقعي تي سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون ڏيندي چيو تہ متاثر لائين جي بحالي واري ڪم کي هنگامي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي تہ جيئن شهرين کي ڪا بہ ڏکيائي نہ ٿئي، ان سلسلي ۾ واٽر بورڊ عملدارن پاران متاثر لائين جي بحالي وارو ڪم هنگامي بنيادن تي شروع ڪري ڇڏيو، چيف انجنيئر واٽر بورڊ موجب متاثر لائين جي مرمت جو ڪم ايندڙ چوويهه ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، ھن وڌيڪ چيو تہ شهر ۾ پاڻي جي فراهمي متبادل لائينن جي ذريعي جاري آهي.










