ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي في يونٽ 14 رپيا 53 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست

ڪي اليڪٽرڪ جي بجلي في يونٽ 14 رپيا 53 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست

ڪراچي (رپورٽر) ڪي اليڪٽرڪ ٽه ماهي فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي کي واهپيدارن لاءِ بجلي في يونٽ 14 رپيا 53 پئسا مهانگي ڪرڻ جي درخاوست ڪئي آهي ڪي اليڪٽرڪ ٽه ماهي ۽ ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ ترتيبوار قيمت ۾ واڌ ۽ لاٿ جون ٻه الڳ الڳ درخواستون داخل ڪيون آهن ڪي اليڪٽرڪ پاران داخل ڪيل درخواست ۾ ٽه ماهي فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ نيپرا کي بجلي 14 رپيا 53 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي ڪي اليڪٽرڪ پاران هي واڌ اپريل کان جون 2022 جي ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ گهري وئي آهي ڪي اليڪٽرڪ پاران داخل ٿيل ٻي درخواست ۾ جولاءِ جي ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ ۾ قيمت گهٽائڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي ڪراچي کي بجلي سپلاءِ ڪندڙ ڪمپني جولاءِ جيماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 3 رپيا 47 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ لاءِ چيو آهي ڪي اليڪٽرڪ ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ شهرين کي 6 ارب 25 ڪروڙ رپين جو رليف ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي. نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي ٻنهي درخواستن تي 31 آگسٽ تي ٻڌڻي ڪندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو