ڪوهاٽ (ويب ڊيسڪ) ڪوهاٽ ۾ انڊس هاءِ وي تي ٽنل ڀرسان وين ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻن ٻارن ۽ ٽن عورتن سميت 17 ڄڻا فوت ٿي ويا.ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته حادثي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ٽيمن اتي پهچي امدادي ڪارروائيون شروع ڪري ڇڏيون، حادثي ۾ ڪيترائي زخمي به ٿيا آهن.اسپتالن ذريعن جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل ويل 17 ڄڻن ۾ ٻه ٻار ۽ ٽي عورتون شامل آهن.










