ڪوسٽر کاهي ۾ ڪرڻ سبب 9 فوت 18 زخمي

ڪوسٽر کاهي ۾ ڪرڻ سبب 9 فوت 18 زخمي

مظفر آباد(ويب ڊيسڪ) آزاد جمون ۽ ڪشمير ۾ سومر جي صبح سوير ڪوسٽر درياهه ۾ ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ۽ 18 زخمي ٿي پيا. پوليس موجب گاڏي، جنهن جو رجسٽريشن نمبر IOT-1493 آهي، آزاد ڪشمير جي سڌنوتي ضلعي جي هڪ ڏورانهين ڳوٺ نيريان کان واپس گجرانوالا وڃي رهي هئي جتي متاثرين عرس جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ويا هئا. سينيئر سپرنٽينڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) ڪوٽلي رياض مغل موجب گاڏي جيئن ئي صبح 1 وڳي ڪوٽلي ۽ ميرپور آزاد ڪشمير جي بارڊر تي ڳوٺ جهرئي ويجهو پهتي ته ”ڊرائيور جي لاپرواهيءَ سبب جيڪو علائقي کان اڻ واقف هو“، گاڏي اونهي کاهي ۾ ڪري پئي. هن چيو ته روڊ تي لڳل نشانن مان پتو پوي ٿو ته تيز رفتار گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري کاهي ۾ ڪري پئي، هن وڌيڪ چيو ته ڪوسٽر ۾ 28 کان 30 ماڻهو سوار هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو