ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت تيزي سان وڌندڙ ڪورونا وائرس کي نظر ۾ رکندي فوج مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي آهي.سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ وفاق کان صوبي ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.سنڌ حڪومت وفاقي گهرو وزارت کي فوج مقرر ڪرڻ جي لاءِ خط لکي ڇڏيو. سنڌ حڪومت طرفان وفاق کي لکيل خط جي آرٽيڪل 245 جي تحت فوج مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي.گذريل ڏينهن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه صوبي ۾ ڪورونا جي صورتحال بابت ٻڌايو آهي ته صوبي ۾ عالمي وبا کان هينئر تائين 4 هزار 593 مريض فوت ٿي ويا آهن.










