ڪورونا ويڪسين خريدڻ لاءِ وفاق اجازت  ڏني آهي,عذرا پيچوهو

ڪورونا ويڪسين خريدڻ لاءِ وفاق اجازت ڏني آهي,عذرا پيچوهو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صحت واري وزير عذرا فضل پيچوهو چيو آهي ته وفاق صوبن کي ڪورونا ويڪسين خريد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.سنڌ حڪومت ڪين سائنو ويڪسين جون 50 لک خوراڪون خريد ڪندي. ڊوز وڌيڪ ملندا ته ويڪسينيشن سينٽرز جو انگ به وڌايو ويندو.صحت واري وزير عذرا فضل پيچوهو ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته سائنوفام ويڪسين خريد ڪرڻ لاءِ دستياب نه آهي. چين چيو آهي ته سائنوفام ويڪسين عطيو آهي چين ڪنسينو ويڪسين خريد ڪرڻ جي آڇ ڪئي آهي.هن چيو ته برطانيه مان ايندڙ ڪورونا وائرس جي  ٽئين قسم جي سنڌ ۾ پکيڙ نه آهي. پنجاب ۾ برطانيه مان ايندڙ وائرس جي پکيڙ ڪافي وڌيڪ آهي.  هن چيو ته جيڪڏهن برطانوي وائرس سنڌ اچي ويو ته ان مان ڪيترائي ماڻهو متاثر ٿيندا. سنڌ ۾ خوشقسمتي سان هي وائرس عوام ۾ ناهي پکڙيو.عذرا پيچوهو چيو ته اسان برطانيه مان ايندڙ ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا. بسن کي روڪي اسڪريننگ ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪتن کي تلف ڪيو وڃي ٿو ته اينيمل ويلفيئر وارا اچي ويندا آهن ته ڪتن کي ڇو ماريو پيو وڃي. ڪتن کي پڪڙي ويڪسين لڳائي وڃي پر پوءِ  به ڪتا ڏاڙهين ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو