اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) اين سي او سي ملڪ ۾ ڪورونا جي شدت ۾ واڌ سبب سخت ايس او پيز سان گڏ وڏي پيماني تي لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب وفاقي وزير اسد عمر جي سربراهي ۾ اين سي او سي جو هنگامي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪورونا جي وڌندڙ ڪيسز ۽ رمضان المبارڪ ۾ مذهبي ۽ ثقافتي سرگرمين جي حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويا. جيڪي فوري طور تي لاڳو ڪيا ويندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سخت ايس او پيز سان گڏ وڏي پيماني تي لاڪ ڊائون لڳايو ويندو. لاڪ ڊائون جي دوران ايمرجنسي کان علاوه غير ضروري چرپر تي پابندي هوندي. وفاقي يونٽ ضلعا ۽ شهرن ۾ بيماري جي پکيڙ ڏسي قدم کڻي سگهون ٿا. وفاق جا يونٽ ايس او پيز جي حوالي سان وڌيڪ سخت قدم به کڻي سگهن ٿا.رمضان المبارڪ جي دوران ڪورونا جي تدارڪ لاءِ ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪيو وڃي. ڪميونٽي ۽ ميڊيا جي ذريعي ماسڪ پائڻ جي مهم هلائي ويندي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هر قسم جي سماجي ۽ ثقافتي تقريبن تي مڪمل پابندي هوندي. هر طرح جي ان ڊور ۽ آئوٽ ڊور تقريبن تي پابندي هوندي. سئنيما، مزارون ۽ پبلڪ پارڪس مڪمل طور تي بند رهندا. اين سي او سي فيصلو ڪيو آهي ته ملڪ ۾ هر قسم جون بازارون، مارڪيٽون ۽ شاپنگ مال صبح سحري کان شام 6 وڳي تائين کليل رهندا. جڏهن ته ڇنڇر ۽ آچر تي ڪاروبار بند رهندو.نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر طرفان هدايت ڪئي وئي آهي ته سڄي ملڪ ۾ تراويح جي نماز کليل هنڌن تي ادا ڪئي وڃي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ سموريون نجي ۽ سرڪاري بينڪن جا وقت سومر کان خميس صبح 10 کان 4 وڳي تائين هوندا. جڏهن ته جمعي تي بينڪ صبح 10 وڳي کان ٻنپهرن جو هڪ وڳي تائين کليل رهندا. ان کان علاوه سموريون نجي ۽ سرڪاري آفيسن ۾ 50 سيڪڙو ورڪ فرام هوم پاليسي هوندي. ملڪ ۾ سنڌ جي مختلف شهرن کان هلندڙ گاڏيون 50 سيڪڙو مسافرن سان گڏ هلنديون.ريلوي کي 70 سيڪڙو مسافرن سان هلايو ويندو. رمضان ۾ رش کان بچڻ جي لاءِ اضافي ٽرينون هلايون وينديون. بين الصوبائي پبلڪ ٽرانسپورٽ هر ڇنڇر ۽ آچر تي بند رهندي. بين الصوبائي ٽرانسپورٽ تي 25 ۽ 26 اپريل جي وچ واري رات تائين پابندي رهندي. ايس او پيز تي اين سي او سي جو اجلاس 10 رمضان جڏهن ته بين الصوبائي ٽرانسپورٽ جو جائزو وٺڻ جي لاءِ اجلاس 20 اپريل تي ٿيندو.










