ڪورونا سبب وڌيڪ20 فوت 36 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

ڪورونا سبب وڌيڪ20 فوت 36 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (رپورٽ الله وسايو گهوٽو) ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ 20 مريض فوت ٿي ويا آهن. جڏهن ته 3600 کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.اين سي او سي موجب 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 3 هزار 669 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته وائرس سبب وڌيڪ 20 مريض فوت ٿي ويا آهن جنهن کان پوءِ ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب گڏيل فوتين جو انگ 13 هزار 863 ٿي ويو آهي.اين سي او سي طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 44 هزار 498 ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن کان پوءِ ڪورونا جي فعال  ڪيسن جو انگ 33 هزار 70 تائين پهچي ويو آهي.ڪورونا کي شڪست ڏيندڙن جو انگ 5 لک 83 هزار 538 ٿي ويو آهي جڏهن ته ڪورونا وائرس جي گڏيل ڪيسن جو انگ 6 لک 39 هزار 471 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو