ڪورونا سبب وڌيڪ 65 فوت،مثبت ڪيسن جي شرح ۾ ڪمي

ڪورونا سبب وڌيڪ 65 فوت،مثبت ڪيسن جي شرح ۾ ڪمي

اسلام آباد( رپورٽ الله وسايو گهوٽو)ڪورونا سبب ملڪ ۾ وڌيڪ 65 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن  27 سئو کان وڌيڪ  نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهي.سرڪاري رپورٽ  موجب ، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جي مثبت واقعن جي شرح 4.6 سيڪڙو رهي . گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ مثبت ڪيسن جي شرح گذريل 10 هفتن ۾ گهٽ ۾ گهٽ رپورٽ ٿي آهي.ان کان اڳ 10 مارچ تي پاڪستان ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 4.5 رڪارڊ ڪئي وئي هئي.ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو ٽوٽل تعداد  20هزار465 ٿي چڪو آهي ۽ ڪيسن جي ڪل تعداد 9لک8هزار576 تائين ٿي چڪو آهي جڏهن ته 8لک27هزار843 ماڻهو هن وقت تائين وائرس کان صحتياب ٿي چڪا آهن.ان کان علاوه ، سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي 12لک86 هزار کان وڌيڪ ماڻهن ڪورونا وائرس جي ويڪسين ٿي چڪا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو