اسلام آباد ( رپورٽ الله و سايو گهوٽو)پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 54 مريض فوت ٿي چڪا آهن ۽ 23 سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.ڪورونا جي شماريات ويب سائيٽ جي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن ۾ سڄي ملڪ ۾ 43هزار744 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 2هزار363 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرسج جي تصديق ٿي آهي ۽ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 54 مريض فوت ٿي ويا.سرڪاري پورٽ موجب ، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا مثبت شرح 4.8 سيڪڙو هئي.سرڪاري رپورٽ مطابق ، ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوتين جو تعداد 11هزاي157 تي پهچي چڪوآهي ۽ ڪيسن جو ڪل انگ 5لک27هزار146 تائين پهچي چڪو آهي جڏهن ته فعال ڪيسن جو تعداد 35هزار293 آهي ان کان علاوه ، سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن ۾ 2هزار179 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن صحتياب ٿيندڙن جو ڪل تعداد 4لک80هزار969 ٿي چڪو آهي سنڌ ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 2لک38هزار470 تائين پهچي ويو آهي جڏهن ته 3هزار843 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن.پنجاب ۾ ڪورونا جي مريضن جو ڪل تعداد 1لک51هزار603 آهي ۽ 4هزار501 ماڻهو هن وائرس سبب فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل تعداد 18هزار670 آهي ۽ 192 فوت ٿي چڪا آهن خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جوڪل تعداد 64هزار 373آهي ۽ 1هزار 811 فوت ٿي چڪا آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 8هزار706 ماڻهو وائرسکان متاثر ٿيا ۽ 248 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.گلگت بلتستان ۾ هينئر تائين 4هزار894 ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد آهي ۽ 102 مريض فوت ٿي چڪاآهن.اسلام آباد ۾ ڪورونا مريضن جو ڪل تعداد 40هزار430 آهي ۽ هن وقت تائين 460 مريض فوت ٿي چڪا آهن.










