اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا جا وار جاري، گذريل24 ڪلاڪن دوران ڪورونا سبب وڌيڪ 34 ماڻهو فوت، هڪ هزار 599 نوان ڪيس ظاهر، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيلن جو انگ 11 هزار 657 ۽ فعال ڪيسز جو انگ33 هزار 182 ٿي ويو، ملڪ ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 5 لک 44 هزار 813 ٿي ويو. ياد رهي ته پاڪستان ۾ 5 لک کان مٿي ماڻهو صحتياب ٿي چڪا آهن.










