ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ڪورونا وائرس جي ڊپ بعد ڪراچي سينٽرل جيل کان ميرپورخاص جيل ڏانهن 100 قيدي منتقل ڪيا ويا آهن. قيدين کي بغير اسڪرينگ موڪلڻ تي سينٽرل جيل ميرپورخاص انتظاميا ۽ جيل ۾ قيدين کي سخت پريشاني آهي. قيدين ٻڌايو ته 100قيدي خيرپور به منتقل ڪيا ويا. جيل انتظاميه اڄ کان عدالتن ۾ قيدين جي پيشيون به بند ڪيون آهن. ميرپورخاص ۾ سينٽرل جيل ۾ قيدين جو تعداد 300 ٿي ويو آهي.










