راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ڏکڻ وزيرستان جي ضلعي سراروغه جو دورو ڪيو.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات دوري دوران محسود جرڳي جي قبائلي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي ۽ مقامي قبائلين جي قربانين کي ساراهيو.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته قبائلي اڳواڻن امن بحال ڪرڻ تي پاڪ فوج جا ٿورا مڃيا، سيڪيورٽي فورسز کي سندن غير متزلزل حمايت جو يقين ڏياريو.ڪور ڪمانڊر پشاور ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر چيو ته پاڪ فوج علائقي ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪندي.هن چيو ته دهشتگردي خلاف بي مثال ڪاميابيون قبائلين جي قربانين سان ممڪن ٿيون، مقامي ماڻهو سيڪيورٽي فورسز سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي جنگ وڙهي رهيا آهن.










