ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا جي دارالامان مان ٽن عورتن جي گمشدگي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.ڪميٽي ٽن ڏينهن ۾ جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪندي، عورتن جي گمشدگي جي ذميوارن جي نشاندهي ڪئي ويندي.ڪوئيٽا بروري پوليس اسٽيشن جي ايس ايڇ او موجب ٽي ڇوڪريون اوچتو گم ٿي ويون. انهن جي عمر 13، 18 ۽ 30 سال آهي. ٻن ڇوڪرين جو تعلق ڪوئيٽا ۽ ٽئين جو تعلق زيارت سان آهي.










