ڪوئيٽا ۾ گئس جي فراهمي معطل، ايل پي جي 400 رپيا في ڪلو ملڻ لڳي

ڪوئيٽا ۾ گئس جي فراهمي معطل، ايل پي جي 400 رپيا في ڪلو ملڻ لڳي

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا شهر ۽ ٻين علائقن ۾ گئس جي فراهمي اڃا تائين معطل آهي، جڏهن ته ايل پي جي مهانگي اگهه تي وڪرو ڪئي پئي وڃي.سوئي گيس جي فراهمي معطل ٿيڻ سبب ايل پي جي سلينڊر جي دڪانن تي رش لڳي ويو آهي ۽ دڪاندارن گئس جي اگهه ۾ واڌ سبب من پسند اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. ڪوئيٽا ۾ ايل پي جي 300 رپيا في ڪلو ۽ مضافات ۾ 400 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهي آهي.ان کان علاوه بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ بجلي جا ٽاور ٽٽڻ سبب بجلي بند آهي، جڏهن ته وزيراعظم جي هدايتن باوجود ڪجهه علائقن ۾ موبائل فون نيٽ ورڪ سروس پڻ متاثر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو