ڪوئيٽا ۾ شادي هال ۽ ريسٽورنٽ رات 10 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪوئيٽا ۾ شادي هال ۽ ريسٽورنٽ رات 10 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ)ڪوئيٽا ۾ سمورا شادي هال ۽ ريسٽورنٽ رات 10 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.ٻن مهينن کانپوءِ بلوچستان حڪومت کي نيشنل انرجي پاليسي تي عمل ڪرڻ جو ياد ڏياريو ويو، نيشنل انرجي پاليسي تي عملدرآمد بابت ڪمشنر ڪوئيٽا جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ڪوئيٽا ۾ سمورا شادي هال ۽ ريسٽورنٽ رات 10 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.ڪوئيٽا ڊويزن جي ڪمشنر سهيل الرحمان بلوچ جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ انرجي سيڪريٽري بشير بازئي، چيمبر آف ڪامرس ۽ بلوچستان ٽريڊ يونينز جي سينٽرل ايسوسيئيشن جي نمائندن شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ وفاقي توانائي پاليسي ۽ توانائي بحران بابت اهم فيصلا ڪيا ويا، جنهن موجب شهر جا سمورا شادي هال ۽ ريسٽورنٽ رات 10 وڳي بند ڪيا ويندا، جڏهن ته مرڪزي ڪاروباري علائقن ۾ لوڊشيڊنگ بابت مختلف تجويزن تي عمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ٻين علائقن ۾ صبح ساڍي 8 وڳي ڪاروبار بند رکيو ويندو، ضلعي انتظاميا پهرين مرحلي ۾ شادي هالن ۽ ريسٽورنٽ تي پابندي لڳائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو