نوشھروفيروز(مشتاق حسين مري) ڪنڊيارو قومي شاهراهه تي ٽول پلازه وٽ پراڊو گاڏي ۽ آئل ٽئنڪر ۾ ٽڪر سبب چار ڄڻا فوت، 3 زخمي ٿي پيا. پراڊو گاڏي جو نمبر AJC 199 مورو کان سکر طرف اچي رهي هئي ته ويگو پويان آئل ٽئنڪر نمبر E-2383 سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ نصير احمد، بشارت، حاجي صديق، مسمات اظھره فوت ٿي ويا زخمين ۽ فوتين کي موٽروي پوليس ڪنڊيارو اسپتال پهچايو، فوتين جو تعلق پنجاب جي علائقي فيصل آباد سان ٻڌايو پيو وڃي. ڪنڊيارو پوليس ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.










