ڪنهن کي منشي چوڻ تي گرفتاري ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ مزاري

ڪنهن کي منشي چوڻ تي گرفتاري ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ مزاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شيرين مزاري فواد چوڌري جي گرفتاري تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته منشي يا ڪو ٻيو اصطلاح استعمال ڪرڻ سان گرفتاري ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيرين مزاري چيو ته فواد چوڌري کي اليڪشن ڪميشن کي وزير چوڻ تي گرفتار ڪيو ويو، سندس گرفتاري شرمناڪ عمل آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ فاشزم بدترين سطح تي پهچي چڪو آهي، فواد چوڌري کي سي ٽي ڊي لاڪ اپ ۾ رکڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي؟ شيرين مزاري جو چوڻ آهي ته دهشتگرد آزاد گهمي رهيا آهن پر سياسي مخالفن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، رياست ڪٺ پتلي حڪومت ذريعي پاڪستان کي ڪٺ پتلي جمهوريه بڻائي ڇڏيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته جمهوريت مذاق بڻجي وئي آهي، شريفن، زردارين ۽ انهن جي ساٿين کي ڪا به شرم ناهي، هي گروهه رڳو پنهنجي لٽيل دولت بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو