ڪنهن جي پيءُ کي احتساب جي همت ناهي، مولانا

ڪنهن جي پيءُ کي احتساب جي همت ناهي، مولانا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن جي اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نيب سميت ڪنهن جي پيءُ کي طاقت ناهي ته هو سندس احتساب ڪري سگهي. جيو نيوز جي پروگرام جرڳه ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته 1988 کان پارليمان ۾ آهيان اڄ تائين هڪ جهوپڙي به اسلام آباد ۾ ناهي ٺاهي سگهي. هن چيو ته اسين سدائين ادارن لاءِ ڍال بڻيا آهيون، ڪنهن سان ڳجها رابطا ناهن ۽ نه ان جي ضرورت آهي. اسين اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻنداسين رڳو احتجاج ڪري واپس نه وينداسين ۽ ان بابت سڀني جماعتن ۾ اتفاق آهي. ياد رهي ته مولانا فضل الرحمان 9 فيبروري جي حيدرآباد واري جلسي ۾ شرڪت لاءِ ڪراچي پهچي ويو آهي، سومر تي هو ٺٽو ۽ سجاول جو دورو ڪندو ۽ اڱاري تي جلسي جي صدارت ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو