ڪنهن اتحادي جي تقرير سٺي نه هجي ته ڪارڪن ان کي نظرانداز ڪن: عمران خان

ڪنهن اتحادي جي تقرير سٺي نه هجي ته ڪارڪن ان کي نظرانداز ڪن: عمران خان

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته اتحادي جون ڳالهيون سٺيون نه هجن ته ڪارڪنن کي نظرانداز ڪرڻ گهرجي.پنهنجي هڪ بيان ۾ عمران خان چيو ته اسان جا ڪجهه ماڻهو اسيمبليون ٽوڙڻ تي پريشان آهن پر ان سان اسان جي مقبوليت ۾ گهٽتائي نه ايندي.هن چيو ته جيڪڏهن اتحادي جي ڳالهه سٺي ناهي ته ڪارڪن ان کي نظرانداز ڪن، اتحادي جو سڀ ڪجهه اسان جي لائن لينٿ تي نٿو ٿي سگهي.اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته رياست قوم کي ووٽ ذريعي پنهنجو مستقبل چونڊڻ جو موقعو ڏئي.

پهنجو تبصرو موڪليو