حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پڌرو ڪيو آهي ته 3 نومبر تي ڪراچي، حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻو سينٽرز تي رٿيل اسڪريننگ ٽيسٽ انتظامي سببن جي ڪري ملتوي ڪئي وئي آهي نئون شيڊول بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.

2020 جي ڪمبائن ڪامپيٽيٽو ايگزام لاءِ اسڪريننگ ٽيسٽ وٺڻ جو شيڊول ڪميشن اڳ ۾ جاري ڪيو هو، جنهن ۾ شرڪت لاءِ مختلف شهرن ۾ رهندڙ اميدوار پنهنجي پنهنجي مرڪز تي آيل هئا، اوچتو ٽيسٽ ملتوي ٿيڻ سبب اميدوارن م ڪافي مايوسي آهي.










