ڪمانڊر ڪراچي جي سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات

ڪمانڊر ڪراچي جي سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪمانڊر ڪراچي ريئر ايڊمرل اويس احمد بلگرامي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ملاقات ڪئي وزير اعلٰي سنڌ ، نئين ڪمانڊر ڪراچي کي سنڌ اچڻ تي ڀليڪار ڪئي وڏي وزير سنڌ جي ترجمان ڪئڊٽ ڪاليج سانگهڙ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وڏي وزير ڪيڊٽ ڪاليج سانگهڙ کي 30 ملين جي سالياني گرانٽ ڏئي ڇڏي ۽ چيو ته  اسان هن گرانٽ کي ڪئڊٽ ڪاليج برابر ڪنداسين . ڪمانڊر ڪراچي چيو ته هن ڪاليج ۾ 600 کان وڌيڪ شاگرد آهن ، صالح آباد ۾ نيوي  هاءِ اسڪول ايڊوپ ڪيوآهي. وڏي وزير چيو ته صالح آباد اسڪول بحال ڪيو ويندو ۽ سجاول ۾ ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪري رهيا آهيون هن چيو ته ساحلي علائقن ۾ رهندڙ ٻارن لاءِ ڪيڊٽ ڪاليج هجڻ گهرجي.اسان کي سجاول ڪيڊٽ ڪاليج هلائڻ لاءِ نيوي جي مدد جي ضرورت پوندي مان چاهيان ٿو ته مڇي ماريندڙ ٻارڙا بحري فوج ۾ شامل ٿين.ان ڪري سنڌ حڪومت سجاول ۾ ڪيڊٽ ڪاليج قائم ڪري رهي آهي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو