ڪلوئي(ن سنڌيار) ڪلوئي تعلقي جي مختلف علائقن ۾ ميڊيڪل اسٽورن تي غير معياري دوائن جو وڪرو عروج تي انتظاميا ننڊ ستل ڪنهن به نوٽيس نه ورتو.خبر موجب ڪلوئي تعلقي جي مختلف هنڌن تي قائم ميڊيڪل اسٽورن تي غير معياري دوائون وڪرو ٿي رهيون آهن ان سلسلي ۾ هتي جي رهواسين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪلوئي تعلقي جي مختلف ميڊيڪل اسٽورن جا ٻن ٻن سالن کان لائنس نئوان ناهن ٿيل ۽ ڪيترن ميڊيڪل اسٽورن تي جانورن جون دوائون وڪرو ٿي رهيون آهن جڏهن ته ڪلوئي تعلقي جي مختلف هنڌن تي ڪهجه ميڊيڪل اسٽور مالڪ ۽ ڪهجه عطائي ڊاڪٽر انعام جي لالچ ۾ غير معياري دوائون خريد ڪري وڪرو ڪري رهيا آهن جنهن ڪري مريضن کي فائدو جي بجاءِ ويتر نقصان پئجي رهيو آهي رهواسين عمر ستار عزيز ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڪلوئي تعلقي جي ڪافي ميڊيڪل اسٽور تي مال جون دوائون ۽ غير معياري دوائون وڪرو ٿي رهيون آهن جڏهن ته ڊرگ انسپيڪٽر سنيل ڪمار هر مهيني ڪلوئي اچي ڪري پنهنجي طرفان مقرر ڪيل پرائيويٽ ايجنٽ جي معرفت وصولي ڪري واپس هليو وڃي ٿو رهواسين ضلعي انتظاميا توڙي وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ڪلوئي تعلقي جي ميڊيڪل اسٽورن جي چڪاس ڪري غير معياري دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي نه ته سخت احتجاج ڪيو ويندو










