اسلام آباد(بيورو)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪشمير جي آزادي تائين ڪو به پاڪستاني چين سان نه ويهندو.5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني ڪارروائي تي بلاول ڀٽو ڀارت کي ٽوئيٽ پيغام ڏيندي چيو ته ڀارت آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي تبديل ڪري گڏيل قومن جي قراردادن جي ڀڃڪڙي ڪئي، ٽي سال گذري ويا پر والاريل وادي جي عوام سمورن بنيادي سهولتن کان محروم آهي.پاڪستاني پرڏيهي وزير مطالبو ڪيو ته گڏيل قومن پنهنجي چارٽر تي عمل ڪندي والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن کي بحال ڪري ۽ ياسين ملڪ ۽ مير واعظ عمر فاروق سميت سمورن قيد ۽ نظربند آزادي پسندن کي آزاد ڪري.










