ڪشميري پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جو منصوبو

ڪشميري پناهگيرن کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ جو منصوبو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) والاريل ڪشمير جَي پناهگيرن کي سنڌ ۾ ترسائڻ لاءِ سڄي سنڌ جَي ڊي سيز کي ليٽر جاري ٿيڻ جو انڪشاف، سامونڊي پٽي جَي تعلقن جاتي ۽ شاهه بندر ۾ خالي پيل ساڍا 6 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين جِي رپورٽ سنڌ سرڪار حوالي، ڊي سي سجاول اسماعيل ميمڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته آزاد ڪشمير مامرن جي وزارت طرفان ڪشميري پناهگيرن کي ترسائڻ جي حوالي سان سنڌ سوڌو چئني صوبن ڏانهن ريفرنس اُماڻيا ويا هئا، سنڌ سرڪار رڳو سجاول نه پر سمورن ضلعن جي ڊي سيز کان خالي پيل زمينن جا تفصيل طلب ڪيا آهن، سجاول ضلعي ۾ رڳو ٻن تعلقن اندر خالي پيل زمين جي رپورٽ سنڌ سرڪار ڏانهن اُماڻي آهي، زمين کي استعمال ڪرڻ جو فيصلو لينڊ يوٽيلائيزيشن کاتو ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو