ميلبورن(اسپورٽس ڊيسڪ)ڪرڪيٽ آسٽريليا سريلنڪا ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال جو جائزو وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.آسٽريليا ۽ آسٽريليا جي اي ڪرڪيٽ ٽيمون ايندڙ مهيني سريلنڪا جو دورو ڪنديون.آسٽريلوي ميڊيا موجب ڪرڪيٽ آسٽريليا سريلنڪا ۾ بدامني، احتجاج ۽ سياسي صورتحال جو جائزو وٺي رهي آهي، ڪرڪيٽ آسٽريليا شيڊول موجب سريلنڪا جي دوري تي پر اعتماد آهي.آسٽريليا کي سريلنڪا ۾ ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي جي سيريز کيڏڻو آهي جڏهن ته آسٽريليا کي 16 ڏينهن ڪولمبو ۾ رهڻو آهي جتي احتجاج ٿي رهيا آهن.ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سيڪيورٽي وفد گذريل مهيني سري لنڪا جو دورو ڪيو هو ۽ سيڪيورٽي اهلڪار سومر کان صورتحال جي ويجهي نگراني ڪندا.










