ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 341 ڄڻن ۾ ڊينگي وائرس جي تصديق ٿي وئي.صحت کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب 341 مريضن مان 241 جو تعلق ڪراچي سان آهي.ٻئي طرف خيبرپختونخواهه ۾ ڊينگي جا 287 نوان ڪيس سامهون آيا آهن، جڏهن ته سڀ کان وڌيڪ 194 مريض پشاور ۾ سامهون آيا آهن.پنجاب ۾ ڊينگي سبب وڌيڪ 276 ڄڻا بيمار ٿي پيا، جن مان 119 مريضن جو تعلق لاهور سان آهي.هوڏانهن ملتان ۾ ڊينگي جي ڪيسن ۾ واڌ سبب ريڊ الرٽ جاري آهي.










