ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي ٻئي روٽ جو افتتاح

ڪراچي ۾ پيپلز بس سروس جي ٻئي روٽ جو افتتاح

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت پاران شهرين جي سهولت لاءِ شروع ڪيل پيپلز بس سروس جو ٻيو روٽ ڪراچي ۾ شروع ٿي ويو آهي. پيپلز بس سروس جو ٻيو روٽ نارٿ ڪراچي کان انڊس اسپتال ڪورنگي تائين هوندو، جڏهن ته ٻيو روٽ ناگن چورنگي، سهراب ڳوٺ، گلشن چورنگي، نيپا، جوهر مور، ڊرگ روڊ، شاهه فيصل ڪالوني ۽ لانڍي کان ٿيندو. ان کان اڳ پهرين مرحلي ۾ بس روٽ ون جو افتتاح ڪيو ويو، جنهن ۾ ماڊل ڪالوني کان شاهراهه فيصل، ڪينٽ اسٽيشن کان آرام باغ تائين بسون هلي رهيون آهن. سنڌ جي ٽرانسپورٽ کاتي موجب انٽرا سٽي لاءِ يوپي مور نارٿ ڪراچي ۾ بس ڊپو قائم ڪيو ويو آهي، منصوبي تحت ڪراچي جي 6 مختلف رستن تي 200 کان وڌيڪ بسون هلايون وينديون.

پهنجو تبصرو موڪليو