ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جا 5 بلدياتي نمائندا گرفتاري بعد آزاد

ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ جا 5 بلدياتي نمائندا گرفتاري بعد آزاد

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي صدر ٽائون مان پي ٽي آءِ جي وڌيڪ ٻن مقامي نمائندن کي گرفتار ڪيو ويو.پي ٽي آءِ ڪراچي جي ترجمان موجب يوسي 8 مان چيئرمين محمد سلمان ۽ يوسي 6 مان چيئرمين وسيم شيرازي کي گرفتار ڪيو ويو آهي.ترجمان جو چوڻ آهي ته پوليس ٻن چونڊيل نمائندن کي حلف کڻڻ بعد گرفتار ڪيو.واضح رهي ته هن وقت تائين پي ٽي آءِ جي 5 چونڊيل نمائندن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.نارٿ ناظم جو هڪ چيئرمين اڳ ئي پوليس جي حراست ۾ آهي.سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني تصديق ڪندي چيو ته پي ٽي آءِ جي سمورن نمائندن کي آزاد ڪيو ويو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو