ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) هيلميٽ نه پائيندڙن خلاف شهر ۾ وٺ پڪڙ شروع ڪئي وئي آهي. شاهراهه فيصل تي موٽرسائيڪل سواري تي مڪمل پابندي لاڳو، ٽريفڪ پوليس جي ترجمان موجب موٽرسائيڪل سوار وڏي انگ ۾ حادثن جو شڪار ٿين ٿا، ان ڪري هيلميٽ نه پائيندڙن خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪئي آهي. شاهراهه فيصل تي بغير هيلمٽ جي موٽرسائيڪل سواري تي پابندي هئي. ترجمان شهرين کي اپيل ڪئي ته هو هيلمٽ جو استعمال ڪن، ٻي صورت ۾ ڪارروائي ٿيندي.










