ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ڪي اليڪٽرڪ لوڊشيڊنگ وڌائي ڇڏي، 12 کان 14 ڪلاڪ بجلي بند ڪئي وئي.روينيو جڊيشل سوسائٽي، لياقت آباد سي ون ايريا، گلستان جوهر بلاڪ سيون، لياري، ڪيماري ۽ ماڊل ڪالوني شيٽ سيون ۾ بجلي بند ٿيڻ سبب شهري سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.ان کان علاوه گارڊن ويسٽ، لياقت آباد سي ون ايريا ۾ لوڊشيڊنگ جو واڌ 16 ڪلاڪن تائين پهچي ويو آهي. شهر ۾ لوڊشيڊنگ کانسواءِ علائقن ۾ به بجلي ڪٽجي رهي آهي ۽ شهرين جو چوڻ آهي ته ڏينهن ۾ 12 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ کانپوءِ رات جو به بجلي جي فراهمي معطل ٿي ويندي آهي. ٻئي طرف اليڪٽرڪ جي هيلپ لائين تي رابطو ڪرڻ تي به صارفين کي ڄاڻ فراهم نه ڪئي پئي وڃي.










