ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي ڪوهيڙو، حده نگاهه متاثر

ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي ڪوهيڙو، حده نگاهه متاثر

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي ڪوهيڙي سبب بصريت متاثر ٿي آهي، موٽر وي پوليس ڊرائيورن کي احتياط سان گاڏي هلائڻ جي هدايت ڪئي آهي.موسميات جي ماهرن ڪراچي ۾ ايندڙ 2 کان 4 ڏينهن تائين ڪوهيڙي جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات جي تجزيه نگار جواد ميمڻ موجب ڪراچي جي مضافات ۾ صبح 2 وڳي کان صبح 9 وڳي تائين وچولي کان ڳرو ڪوهيڙو پئجي سگهي ٿو.جواد ميمڻ جو چوڻ آهي ته شهري علائقن ۾ ڪوهيڙو گهٽ رهندو، جڏهن ته سنڌ جي ميداني علائقن ۾ به ڪوهيڙو رهندو.موسميات جي تجزيه نگار وڌيڪ چيو آهي ته بلوچستان جي ساحلي علائقن ۾ ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو