ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات دير سان هلڪي برسات پئي.ڪراچي ۾ گارڊن، شارع فيصل، ڊفينس، يونيورسٽي روڊ، اردو بازار، صدر، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ڪلفٽن ۽ ٻين علائقن ۾ رات دير سان تيز برسات پئي، جنهن سبب روڊن تي پاڻي بيهجي ويو. رات دير سان برسات سبب سنڌ اسيمبلي روڊ به استعمال نه ٿي سگهيو، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ، سنڌ سيڪريٽريٽ، برنس روڊ، عبدالله هارون روڊ ۽ اردو بازار جون گهٽيون به پاڻي ۾ ٻڏي ويون. ان کان علاوه ايم اي جناح روڊ تي سيون ڊيز جي سامهون ٻنهي رستن تي پاڻي جمع ٿي ويو آهي، جڏهن ته سول اسپتال جي چوڌاري پاڻي جمع ٿيڻ سبب اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ٽريفڪ جي رواني پڻ خراب ٿي وئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين شهر ۾ جزوي ابر آلود رهندو جنهن سبب هلڪي برسات ۽ بوندا باندی جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اتر اولهه راجستان ۽ اتر اوڀر سنڌ تي گهٽ پريشر آهي، ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن دوران نوابشاهه، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي ۽ ٻين ضلعن ۾ برسات جو سلسلو جاري رهي سگهي ٿو.










