ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن دوران ٽريفڪ جام شٺري عوام سخت پريشان گلستان جوھر موتي محل وٺ ھلندڙ روڊ تي ترقياتي ڪمن دوران صبح ۽ رات جي وقت ۾ ٽريفڪ جام ٿيڻ ڪري شھري عوام سخت پريشاني ۾ مبتلا ٿيڻ لڳي جڏهن ته ٽريفڪ پوليس پاران ڪو متبادل راستو نه ڏيڻ ۽ ٽريفڪ اھلڪار مقرر ھجڻ باوجود به ڊيوٽي سرانجام نه ڏيڻ تي وڌيڪ پريشاني ۾ مبتلا آهن










