ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي 15 ڏينهن اندر ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن بابت جماعت اسلامي ۽ تحريڪ انصاف جي درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.عدالت مڪاني چونڊن ۾ دير خلاف درخواستون ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪري ورتيون، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت پنهنجي فيصلي ۾ حڪم ڏنو ته اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جي شيڊول جو اعلان ڪري ۽ سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن کي نفري فراهم ڪري. سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊن ۾ دير خلاف درخواستن تي ٻڌڻي جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عدالت اليڪشن ڪميشن کي مجبور نٿي ڪري سگهي. اليڪشن ڪميشن 3 ڊسمبر تائين مڪاني چونڊن جي شيڊول جو اعلان ڪري ۽ مڪاني چونڊن بابت 60 ڏينهن ۾ سمورا قدم مڪمل ڪري.عدالت چيو ته مڪاني چونڊن جي تاريخ 2 مهينن اندر ٿيڻ گهرجي. سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن جي لاءِ سيڪيورٽي ۽ سموريون سهولتون ڏيڻ جي پابند آهي. چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ ضروري قدم کڻڻ جا پابند هوندا.عدالتي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم قانون سازي، تڪ بندين ۽ ووٽر لسٽن جي صحيح ٿيڻ تائين چونڊون نه ڪرائڻ جي استدعا ڪئي. ايم ڪيو ايم تڪ بندين ۽ مڪاني ادارن کي اختيار نه ملڻ تائين چونڊون نه ڪرائڻ جي تجويز ڏني پر ايم ڪيو ايم جي درخواستن ۾ اهڙو پڪو موقف نه آهي جنهن جي آڌار تي چونڊون ملتوي ڪيون وڃن.عدالتي فيصلي موجب ٻوڏ صورتحال ۽ سيڪيورٽي نه ڏيڻ سبب 4 مهينن کان چونڊون دير جو شڪار آهن. ٻوڏ سبب اڃان تائين چونڊ شيڊول اسان جي سامهون ناهي اچي سگهيو. ايترو وقت گذرڻ کان پوءِ حڪومت کي ان جو ڪو حل ڪڍڻ گهرجي ها. سيڪيورٽي نه هجڻ جي آڌار تي چونڊون اڻڄاتل مدي تائين ملتوي نٿيون ڪري سگهجن.










