ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ گرين لائن بس سروس جو وقت عارضي طور تبديل ڪيو ويو آهي.ترجمان موجب اهو فيصلو رمضان المبارڪ دوران شهرين جي رات دير سان مصروفيتن سبب ڪيو ويو آهي.گرين لائن بس سروس هاڻي صبح 7 وڳي کان رات 11:30 وڳي عبدالله چوڪ، سرجاني ٽائون کان نمائش چورنگي اسٽيشن تائين جاري رهندي.ان کان علاوه ڊائون ٽريڪ نمائش چورنگي اسٽيشن کان عبدالله چوڪ تائين 12.30 وڳي تائين جاري رهندي.










