ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي چڙيا گهر جو مشهور ستن ورهين جو آفريڪي اڇو شينهن مري ويو ڪراچي زو جي سينيئر ڊائريڪٽر رضا عباس رضوي شير جي موت جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته شير جو موت ڇنڇر ڏينهن ٿيو سينيئر ڊائريڪٽر ڪراچي زو مطابق انتظاميه ۽ ويٽنري ڊاڪٽرز هاڻي پوسٽ مارٽم ڪري رهيا آهن ان کان پوءِ ئي مرڻ جو سبب معلوم ٿي سگهندو رضا رضوي ٻڌايو ته آفريڪن شير پنهنجي عمر پوري ڪري چڪو هو پڃري ۾ قيد شير جي عمر 17 کان 20 سالن تائين هوندي آهي ڊائريڪٽر ٻڌايو ته آفريڪن شهر 2010 ۾ ڪراچي زو ورتو ويو هو هن وقت ان جي عمر 5 سال هئي هن شير کي 2010 ۾ ڪسٽم عملدارن امپورٽ پاليسي جي خلاف ورزي تي ضبط ڪيو هو رضا عباس رضوي مطابق جنهن کان پوءِڪسٽم عملدارن آمريڪي شير کي ڪراچي زو انتظاميه جي حوالي ڪيو هو.










