ڪراچي: چور غريبن تي رحم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، مالشي قتل

ڪراچي: چور غريبن تي رحم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، مالشي قتل

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جا ڊاڪو غريب مزدورن کي به بخشڻ لاءِ تيار نه آهن. ڪراچي جي سهراب گوٺ واري علائقي گبول شاهين ڪالوني ۾ مالشي جو ڪم ڪندڙ نوجوان کي ڦر دوران مزاحمت ڪرڻ تي قتل ڪيو ويو.25 سالن جو محمد جنيد نواب شاهه مان روزگار لاءِ ڪراچي آيو هو. پوليس موجب مارجي ويل جنيد جو تعلق بهاولپور سان آهي، مقتول جو دوست لاش کڻي بهاولپور روانو ٿي ويو آهي.پوليس جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال اسٽريٽ ڪرائمز ۾ 25 ڄڻا مارجي ويا ۽ 25 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو