ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) موسيٰ ڪالوني ۾ شادي جي تقريب ۾ فائرنگ ۾ ملوث ڪنوار سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.پوليس موجب هڪ ڏينهن اڳ موسيٰ ڪالوني ۾ شادي جي تقريب دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 نوجوان ڇوڪريون 7 ورهين جي ماريا ۽ 14 ورهين جي ياسمين زخمي ٿي پيون.واقعي کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪندي ڪنوار سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.گرفتار جوابدارن ۾ ثمر اقبال، قمر اقبال ۽ عمران شامل آهن، جڏهن ته جوابدارن وٽان فائرنگ ۾ استعمال ٿيل هٿيار پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.










