ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪو، پابندي مڙهيل تنظيم جوڪمانڊر گرفتار

ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪو، پابندي مڙهيل تنظيم جوڪمانڊر گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي.سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ پوليس عملدارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان لبريشن فرنٽ (بي ايل ايف) جي ڪمانڊر کي ڪراچي مان هاڪس بي مان گرفتار ڪيو ويو، جنهن پڇا ڳاڇا دوران اهم انڪشاف ڪيا، هو بي ايل ايف جي سليپر سيل جو سربراهه آهي. ڪراچي يونيورسٽي ڌماڪي ۾ عورت سان گڏ هڪ ٻيو شخص به هو، ڌماڪي ۾ چار ڪردار هئا، جن جي سڃاڻپ ٿي چڪي آهي.شرجيل ميمڻ چيو ته گرفتار دهشتگرد جو چوڻ هو ته هو پنهنجي تنظيم جي ڪمانڊر خليل بلوچ جي حڪم تي ڪراچي يونيورسٽي جي حساس تنصيبات ۽ چيني استادن جي ريڪي ڪندو هو، جنهن بعد هن پنهنجي تنظيم جي ڪمانڊر خليل بلوچ سان ملاقات ڪئي ۽ چيني استادن تي حملي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.صوبائي سڌ سماءَ واري وزير موجب گرفتار دهشتگرد انڪشاف ڪيو ته ڪراچي يونيورسٽي آپگهاتي حملي جو ماسٽر مائينڊ زيب هو، جيڪو پاڙيسري ملڪ مان پاڪستان ۾ داخل ٿيو هو، اسان جا پاڙيسري ملڪ دهشتگردن جي مدد ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ بعد هو خودڪش بمبار سان گڏ رهندو هو. ڪراچي جي دهلي ڪالوني ۾ عورت ۽ سندس مڙس حملي کانپوءِ دهشتگرد بي ايل ايف ڪمانڊر جي حڪم تي بلوچستان فرار ٿي ويا، دهشتگردن جا ٽيلي گرام ذريعي هڪ ٻئي سان رابطا هئا، اهي ماڻهو ٻاهرين ملڪن ۾ به دهشتگردن سان رابطي ۾ آهن.شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي يونيورسٽي ۾ آپگهاتي حملي لاءِ عورت کي استعمال ڪيو ويو، خودڪش بمبار شيري بلوچ کي به نفسياتي ٽيم جي نگراني ۾ رکيو پيو وڃي، سندس مڙس ۽ ٽرينر شري بلوچ جي نفسياتي حالت جو فائدو وٺي کيس ٽارگيٽ ڪيو ۽ ان مقصد لاءِ استعمال ڪيو. ، شري بلوچ کي به مڙس پاران نفسياتي دٻاءُ هيٺ استعمال ڪيو ويو.هن وڌيڪ چيو ته دهشتگرد ٻاهرين ملڪن جي مدد سان اسان جي ملڪ ۾ ڪارروايون ڪندا آهن ته جيئن سيڙپڪاري هتي نه اچي، دهشتگرد اسان جي ملڪ ۾ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، دهشتگردن کي قانون موجب سخت سزا ڏني ويندي، هو رياست کان وڏو سمجهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو