اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) نيپرا ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي جي چوٿين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 12 رپيا 68 پئسا في يونٽ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي.نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ نيپرا کي چوٿين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 14 رپيا 53 پئسا في يونٽ واڌ جي درخواست ڏني هئي، اٿارٽي 31 آگسٽ تي ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ تي عوامي ٻڌڻي کانپوءِ ڪي اليڪٽرڪ جي مالي سال 22-2021 جي چوٿين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي منظوري ڏني.نيپرا طرفان چوٿين ٽن مهينن جي ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ في يونٽ 12 رپيا 68 پئسا واڌ جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته حڪومت سڄي ملڪ ۾ برابر ٽيرف برقرار رکندي آهي ۽ ٽيرف ۾ فرق کي سبسڊي ذريعي ايڊجسٽ ڪيو ويندو آهي.










