ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ نيشنل هاءِ وي لنڪ روڊ تي پوليس ڪارروائي ڪندي 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا.ايس ايس پي ملير موجب گرفتار جوابدار ٽينڪر ۽ ٽرالر ڊرائيورن کان ڀتا وصول ڪندا هئا.ايس ايس پي موجب جوابدار وٽان نقدي، هٿيار ۽ گاڏي پڻ هٿ ڪئي وئي آهي، جوابدار مير افضل سنڌ پوليس جو آفيسر آهي.ايس ايس پي ملير جو ان حوالي سان وڌيڪ چوڻ آهي ته جوابدار پوليس جي نالي تي ڊيزل اسمگلنگ جي نالي تي ڀاڙيندا هئا.










